واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي س??ن آمريڪي ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ڪرس وان هولن جي پاڪستان هائوس واشنگٽن ۾ خاص ملاقات ٿي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪست??ن آمريڪا سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير سينيٽر هولن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ?? گذريل 5 مهين کان جاري گهيراءُ، بنا جواز پابندين ۽ امن امان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال ک??ن آگاهه ڪيو.