اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين چيو آهي ته ڌ??تي تي رهندڙ هر انسان کي م??حول دوستي جو فرض ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي پڪار آهي ته انسانيت عالمي اتحاد بڻائي م??حول جو تحفظ ڪري، وڌندڙ عالمي گرمي پد، ٻيلن جي گهٽتائي، گليشيئرز جو پگهرجڻ وڏا خطرا آهن، عمران خان پهريون ماحول دوست وزيراعظم آهي ۽ عالمگير تحريڪ هلائي رهيو آهي، وزيراعظم جي م??حول کي بهتر بڻائڻ، وڻ لڳائڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم عمران خان نوجوانن ۽ دنيا کي احساس ڏياري رهيو آهي ته ماحول بهتر بڻائڻ ڪيترو ضروي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وڻڪاري ۽ ماحول دوستي کي پاليسي سطح تي ايتري ڌيان ۽ محنت سان فروغ ڏنو پيو وڃي، اهو سلسلو جاري رهيو ته پاڪستان ۾ ماحولياتي شعبي ۾ نمايان نتيجا نظر ايندا، هن چيو ته هن سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو شرف پاڪستان کي ملڻ دراصل پاڪستان جي م??حول دوست قدمن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي.