اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون، ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون س??ڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 80 فوتگيون ٿيون جنهن ما?? 44 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2615 نوان مثبت ڪيس ??امهون آيا آهن ۽ 80 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن ما?? 68 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 12 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 46 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 44 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وارن بسترن تي راولپنڊي ۾ 40 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، پشاور ۾ 58 سيڪڙو ۽ ايبٽ آباد ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 37 هزار 206 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان س??ڌ ۾ 10 هزار 372، پنجاب ۾ 14 هزار 622، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 488، اسلام آباد ۾ 5 هزار 403، بلوچستان ۾ 428، گلگت بلتستان ۾ 412، آزاد ڪشمير ۾ 481 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 ما?? صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 لک 7 هزار 405 ٿي چڪو آهي.