اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ڊولپمينٽ منصوبي ت?? اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته منصوبي جي طئي ٿيل ه??فن کي مقرر وقت ۾ پورو ڪيو وڃي ۽ ماحولياتي تحفظ جي سمورين قانوني گهرجن کي پورو ڪندي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ??ڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي ت?? اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ ا??ارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.