اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو عزم آهي ته ان کي پاڪستان کي نقصان پهچائيندڙن جو پيڇو ڪرڻو آهي، مهانگائي جي خلاف هن جهاد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شفاف چونڊن جي لاءِ اسان قدم کڻنداسين، معيشت جي استحڪام کانپوءِ ان جا ثمر هاڻي غريب عوام کي ملندا، پئسي ۽ ڌوئنس جي سياست ڪندڙ عوام جي مفاد بدران پنهنجي ڪارو??ار ۽ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ريليف جي لاءِ ٻيهر فادر/121546.html">اقتدار جو خواب ڏسي رهيا آهن، عمران خان کي فادر/121546.html">اقتدار عزيز نه آهي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ڀرپور ووٽ ورتو، تحريڪ انصاف جمهوريت تي يقين رکي ٿي، وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي سياست فادر/121546.html">اقتدار ۽ اصولن تي آهي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سينيٽ ۾ جنرل سيٽ تي پئسو لڳائي پي ڊي ايم جو اميدوار کٽي ويو ته وزيراعظم عمران خان ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو دليراڻو فيصلو ڪيو. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ اهي قوتون شامل آهن جن هن ملڪ جي اخلاقي قدرن کي برباد ڪيو هي پئسي مفادن، ڌوئنس ۽ لالچ تي 1985ع کان سياست ۾ آيا، انهن کي ڪير سڃاڻيندو ئي نه هو، انهن سياست ۾ رشوت، پئسو ۽ مفاد کڻي اهڙي گروهه کي مٿي چاڙهيو جيڪو پاڪستان جي پاڙن ۾ ويهي رهيو، اد??رن کي کوکلو ڪيو، ميرٽ جو قتلام ڪيو، پئسي جي زور تي پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ انهن جو مشن هو، انهن جي حڪومتن ۾ ملڪ معاشي، اخلاقي، سماجي ۽ جمهوري طور تي ڪنگال ٿيو. اطلاعات واري وزير چيو ته پارليامينٽ جو مقصد عوام جي مفادن جو تحفظ آهي، ذاتي مفادن جو نه. هي ٽولو ڪهڙي طرح پنهنجي خلاف قانونسازي ڪندو، انهن پارليامينٽ کي ذاتي مفاد جي لاءِ استعمال ڪيو، فادر/121546.html">اقتدار ۾ اچي انهن اربين رپين جون ملڪيتون ٺاهيون. هڪ پارٽي روٽي، ڪپڙا، مڪان جو نعرو لڳايو جڏهن ته ٻئي طرف نواز شريف ۽ سندس حواري آهن جن جي ڪرپشن جا داستان عام آهن. انهن سياست کي ڪارو??ار جي لاءِ استعمال ڪيو. انهي سوچ ۽ طرزعمل وارن کي پاڻ سان گڏ آندو جيڪي جمهوري عمل کي استعمال ڪندي ذاتي مفاد کڻندا رهيا. هن چيو ته 1997ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ۾ ڪا سيٽ نه هئي، 2001ع ۾ هڪ جڏهن ته 2008ع جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، 2013ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهي، 2018ع ۾ وفاق ۾ پي ٽي آءِ کي اڪثريت ملي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي عوام ڪارڪردگي بنياد تي ٻيهر چونڊيو، اڄ 2021ع ۾ سينيٽ ۾ به تحريڪ انصاف وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي.