اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابينا ملڪي رو??نگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ رجسٽريشن اٿارٽي قائم ڪرڻ، لاهور سميت 5 شهرن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪابينا جي سمري ۽ قانوني مواد جي ڊيجيٽلائيزيشن سان 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي، ڪابينا ۾ ڦيرڦار حتمي مرحلي ۾ آهي، مخالف ڌر ج?? ٽنهي پارٽين سان سڌارن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون، مطالبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ڪو گروهه پاڪستان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل وفاق?? ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ج?? ڪاغذ?? ڪارروائي جي ڊيجيٽلائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي.