اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ ۽ عوام ??ي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ حڪومت جي لاءِ اولين اهميت رکي ٿي، حڪومت سمورين ڌرين جي مشاورت سان ضروري قدم کڻندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ صوبي جي فلور ملز ايسوسيئيشنز جي موجوده ۽ اڳوڻن چيئرمين ۽ نمائندن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ اٽي جي فراهمي ۽ مناسب قيمتن تي دستيابي جي حوالي سان مختلف تجويزون ۽ مستق??ل جي لائحه عمل جي حوالي سال معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي وارو وز??ر شوڪت فياض ترين، صنعت وارو وز??ر مخدوم خسرو بختيار، نيشنل فورڊ سيڪيورٽي وارو وز??ر سيد فخر امام، ڊپٽي اسپيڪر ??اسم خان سوري، وز??راعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، جميشد اقبال چيمه ۽ اعليٰ آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ هئا. چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز به اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. وفد وز??راعظم کي فلور ملز نمائندن جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ملاقات ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو، وفد ڪڻڪ جي ملڪ ۾ وقت سر فراهمي ۽ عوام الناس کي اٽي جي مناسب قيمتن ۾ دستيابي، ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون.