اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان هن??ري جي پرڏيهي ۽ واپار واري وزير پيٽر سيزج جارتو جمعي تي هتي ملاقات ??ئي آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دو??تاڻي رابطن جي مناسبت ۽ پوٽينشل کي نظر ۾ رکندي مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آبي وسيلن جي انتظام، خورا?? ۽ ??راعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم هن??ري جي ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار دو??ت ماحول جو فائدو کڻندي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. ملاقات ۾ ڪووڊ – 19 جي وبا جي معيشت تي منفي اثرن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي عوام جي ويڪسينيشن جي سلسلي ۾ هن??ري جي حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان نه رڳو پنهنجي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پر انهن کي معيشت تي ٿيندڙ منفي اثرن کانپوءِ بک جي هٿ??ن مرڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، وزيراعظم افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته افغانتسان ۾ تڪرار جو ڪوبه فوجي حل نه آهي ۽ صرف ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلي جو سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.