لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ا??ان جي حڪومت جي ڪارڪردگي جي عڪاس هوندي، بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪيو ويندو، آمدني ۾ اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا ويندا، ال??ڪشن سڌارن سميت ٻين اهم معاملن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومتي چاهي ٿي ته ال??ڪشن ڪميشن تجرباتي بنيادن تي ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال ڪري، قومي ادارن جي اندر ماضي جي حڪومتن سياسي ڀرتيون ڪيون، فيٽف ۾ پاڪستان کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا ??ان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وزي?? چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي پاليسين جي ڪري ملڪ جنهن گهيري ۾ ڦاٿل هو، الحمد ال??ه اڄ ان کان ٻاهر اچي ويو آهي، بجيٽ جي بنيادي هدفن جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چيو ته ايندڙ مالي سال جو بجيٽ ا??ان جي گذريل سالن جي ڪارڪردگي جو عڪاس هوندو، ان ??ان ا??ان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو، پگهاردار طبقي کي رليف، مهانگائي ۾ گهٽتائي جهڙن قدمن سميت آمدني ۾ اضافي تي بنيادي ڌيان ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب فنانس ٽيم بجيٽ تيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا وائرس جي وبا ??ان وڙهي رهي آهي، ا??ان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي معيشت هن وقت منفي 7.3 کان هيٺ آهي، ٻين ملڪن ۾ به معاشي حالتون ڪافي تبديل ٿيون آهن پر ا??ان وٽ صورتحال بلڪل مختلف آهي، ا??ان جي معاشي صورتحال مستحڪم ۽ بهتر آهي. هن چيو ته ا??ان مخالف ڌر ??ان چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، وفاقي وزي?? چيو ته مخالف ڌر وکريل آهي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جون پاليسيون ڪليئر ٿي وينديون ته پوءِ معلوم ٿيندو ته مولانا فضل الرحمان ڇا چاهي ٿو؟ انهن ٽنهي جو قبلو هڪ ٻئي کان مختلف آهي، کين هڪٻئي جي سمجهه نه اچي رهي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جو ملڪي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار هوندو آهي، ا??ان ان ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا، ال??ڪشن سڌارن ۽ عدالتي سڌارن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.