اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن جي قيام لاءِ اجتماعيت رکندڙ سياسي تصفيي جو حامي آهي، ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي، افغانستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي، افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ افغانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن يورپي ي??ني?? جي پرڏيهي معاملن بابت سربراهه جوزف بوريل سا?? ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ علائقائي امن امان جي ح??الي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير يورپي ي??ني?? جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻڌايو ته ??ن جي جرمني، هالينڊ، بيلجيئم ۽ ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزيرن سان افعانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان کي خوشي آهي ته ??فغانستان جي ح??الي سان اسان جي نقطئه نظر ۾ هم آهنگي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ??فغان شهرين جي جان ۽ مال ۽ انهن جي ح??ن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. موجوده قيادت طرفان منظر عام تي ايندڙ تازه بيان حوصله افزا آهن. هن چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي افعانستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي. افغانستان ۾ امن جو قيام نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 90ع جي ڏهاڪي جي صورتحال کان بچڻ لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن نازڪ موڙ تي افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ افعانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي م ڀرپور معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ يورپي ي??ني?? کي به هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان يورپي ي??ني?? سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ يورپي ي??ني?? سان ڪثير الجهتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.