اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي، پرامن ۽ مضبوط افغانست??ن جي لاءِ پاڪستان ڀرپور حمايت ڪندو، افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هو افغانستان سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻن سان ڳالهائي رهيو هو جن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. سياسي اڳواڻن جي وفد جي آجيان ڪندي وز??راعظم عمران خان دين، تاريخ، جاگرافيائي، ثقافت ۽ رشتيداري جي مضبوط رابطن جي ذريعي پاڪست??ن جي عوام پاران ڀائر افغان عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي. وز??راعظم چيو ته موجوده صورتحال ۾ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي افغانستان کي پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعميري طور تي گڏجي ڪم ڪن. وز??راعظم افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل جي لاءِ سمورين ڌر??ن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرامن ۽ مستحڪم افغانست??ن جي لاءِ پاڪست??ن جي عزم کي ورجائيندي وز??راعظم عمران خان خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪندو. وفد جي ميمبرن وز??راعظم جا ٿورا مڃيا ۽ امن ڪوششن جي لاءِ پاڪست??ن جي حمايت کي ساراهيو. هنن چيو ته افغانست??ن جو معاشرو گهڻ نسلي نوعيت جو آهي ۽ اتي ٺوس نظم ۽ ضبط جي ضرورت آهي. افغان وفد پاڪستان ۽ افغانست??ن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي پڻ ورجايو.