اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مرحوم ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خا?? ان موقعي تي چيو ته سيد علي گيلاني ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي آخري ساهه تائين جدوجهد جاري رکي، پاڪستان جي عوام جون سموريون همدرديون سوڳوار خاندان سان آهن. بعد ۾ م??اقات ۾ آزاد ڪشمير ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ عام م??ڻه?? کي ريليف پهچائڻ جي لاءِ ٺاهيل گهٽ مد?? ۽ ڊگهي مد?? واري حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي.