فيصل آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ صاف شفاف چونڊن جي لاءِ سڌارا ضروري آهن انهي لاءِ تحريڪ انصاف جي حڪومت شفاف چونڊن جي لاءِ سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي پر ان جي ابتڙ مخالف ڌر ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ڏسڻ کانسواءِ رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته اها مشين ٺپا مافيا جو بهترين متبادل آهي پر جيئن ته مخالف ڌر شفاف چونڊن جي لاءِ سڌارن تي تعاون نه ڪري رهي آهي تنهن ڪري هو مريم، بلاول، شهباز کان پڇي ٿو ته جيڪڏهن انهن وٽ شفاف ال??ڪشن جي لاءِ ان کانسواءِ ڪو متبادل حل موجود آهي ته ٻڌائين جڏهن ته ڪالهه تائين پاڻ ال??ڪشن ڪميشن جي ٻاهر احتجاج ڪندڙ اڄ اسان تي تنقيد ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان ال??ڪشن ڪميشن جي پريس رليز ميڊيا کي اڳ ۾ ۽ حڪومت کي بعد ۾ ملي ٿي، اهڙي قسم جي قدمن سان ال??ڪشن ڪميشن پاڻ پنهنجي صلاحيت تي ئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ان لاءِ ال??ڪشن ڪميشن کي گهرجي ته اها ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. سبزي منڊي فيصل آباد جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اها انتهائي حي??ت جي ڳالهه آهي ته ٻين سمورن شعبن ۾ ته توهان ال??ڪٽرانڪ مشينن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيا آ??يو ۽ چا??يو ٿا ته سڄي دنيا جون سموريون سهولتون توهان جي هٿ ۾ موجود موبائيل فون ۾ هجن پر جڏهن سڀ کان اهم شعبي جمهوريت جي ڳالهه اچي ٿي ته توهان ان ۾ ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي بنا ڏسڻ بنا سوچڻ سمجهڻ جي مخالف?? ڪري اهو ثاب?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آ??يو ته توهان ٺپا مافيا کان ٻاهر نڪرڻ نه ٿا چا??يو ته جيئن توهان جو ماضي وانگر ڌانڌلين جو سلسلو جاري رهي پر هاڻي ائين نه ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت ڪي خدشا آهن ته ان کي گڏجي ويهي ڏسي سگهجي ٿو پر ان مشين کي بنا ڏسڻ ۽ ان جي ورڪنگ چي?? ڪرڻ کانسواءِ رڳو ايلفي ۽ هيڪنگ جي بنا جواز خدشن تي ان کي رد ڪري ڇڏڻ ڪنهن به صورت ۾ صحيح قدم نه آهي جيڪڏهن ال??ڪشن ۾ ڪير مهر چوري ڪري کڻي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو. هن چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اسان جي حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان جي لاءِ اسان هر ڪنهن سان تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون ۽ اميد ڪريون ٿا ته اي وي ايم جي ذريعي شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ ال??ڪشن ڪميشن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. فرخ حبيب چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ ال??ڪشن ڪميشن تي حملو ڪندڙ اڄ ڪهڙي منهن سان ال??ڪشن ڪميشن تي زباني حملي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٺپا مافيا جو بهترين متبادل ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ئي آهي پر مخالف ڌر شفاف چونڊن جي لاءِ سڌارن تي تعاون نه ڪري رهي آهي جڏهن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين هلي رهي آهي. هن چيو ته ال??ڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي پر پارليامينٽ قانونسازي جي لاءِ سپريم آهي ان لاءِ ال??ڪشن ڪميشن کي ان سان تعاون ڪندي آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حي??ت جي ڳالهه آهي ته اڄ اهي ماڻهو اسان تي تنقيد ڪري رهيا آهن جن پاڻ سپريم ڪورٽ، نيب ۽ ال??ڪشن ڪميشن تي حملا ڪيا ۽ ان جو بنياد ئي ڌانڌلي تي رکيل آهي جڏهن ته اهو مسئلو به انهن جو ئي پيدا ڪيل آهي. هن چيو ته اي وي ايم جي ذريعي ال??ڪشن تي پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ئي فارم 45 ملي ويندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نيون چونڊ فهرستون تيار ڪيون ويون آهن ۽ پراڻي فهرستن مان لکن جي انگ ۾ جعلي ووٽن کي خارج ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت چونڊ سڌارا ڪري ال??ڪشن ڪميشن جي مدد ڪري رهي آهي ڇو ته حقيقي جمهوريت آڻڻ ۽ ڌانڌلي جي خاتمي جي لاءِ چونڊ عمل شفاف بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ ائين رڳو سڌارن سان ئي ممڪن آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ان تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ اي وي ايم کي هر طرح سان پرفيڪٽ ۽ فول پروف بڻايو پيو وڃي. هن هن چيو ته ال??ڪشن ڪميشن ڄاڻي ٿي ته پراڻي فهرستن ۾ لکين بوگس ووٽ داخل هئا ۽ اهي ووٽ انهن ئي ماڻهن ڌانڌلي جي لاءِ ٺهرايا جيڪي ماضي ۾ بار بار وارا وٺي اقتدار ۾ ايندا ۽ ملڪ ۽ قوم کي ڦري ڪنگال ۽ بدحال ڪندا رهيا. هن چيو ته جيڪڏهن دنيا جي وڏين وڏين جمهوريتن ۾ ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿي سگهي ٿي ته پاڪستان ۾ ڇو نه ٿي ٿي سگهي ان لاءِ ال??ڪشن ڪميشن پاڻ پنهنجي مٿان جيڪي اعتراض اٿاريا آهن ان کي گهرجي ته اها انهن کي ختم ڪري ۽ چونڊ عمل ۾ سڌارن طرف پورو ڌيان ڏي ڇو ته آئين موجب صاف ۽ شفاف ال??ڪشن ڪرائڻ ال??ڪشن ڪميشن جو ئي ڪم آهي پر حڪومت ان کي هر قسم جي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. فرخ حبيب چيو ته آرٽيڪل 218 پڻ انهي شيءَ جو گهرجائو آهي ۽ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جون واضح هدايتون پڻ موجود آهن. هن چيو ته جيستائين چونڊ سڌارا نه ٿيندا ان وقت تائين جمهوري نظام کي مضبوط نه ٿو بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ وڌيڪ امپروومينٽ آڻڻ جي ڏس ۾ انجم جي مثبت تجويزن تي عمل جي خاطري ڪرايون ٿا پر جيڪڏهن اي وي ايم ۾ اهي ڪا خامي سمجهن ٿا ته اها جلسن سان نه پر ٽيڪنالاجي جي مدد سان ئي ختم ٿيندي. هن چيو ته جن ماڻهن ڪالهه تائين چونڊون کٽڻ جي لاءِ چونڊي چونڊي پنهنجي مخالفن کي جعلي پوليس مقابلن ۾ پار ڪرايو اهي ڄاڻي ويا آهن ته جيڪڏهن ال??ڪشن اي وي ايم جي ذريعي ٿي ته انهن جي ڌانڌلي جا سمورا رستا بند ۽ شڪست انهن جو مقدر بڻجي ويندي ان لاءِ انهن جون ننڊون حرام ٿي چڪيون آهن پر حڪومت ايندڙ ال??ڪشن انهي مشين جي ذريعي ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ بنا جواز ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ايندي. هن چيو ته اهو عوام جو به اخلاقي، انساني، آئيني ۽ قانوني حق آهي ته اها ڏسي ته ان کي ايندڙ ال??ڪشن صاف ۽ شفاف ڪرائڻي آهي يا 30 سالا ڌانڌلي جي ٺپي سسٽم جو تسلسل ئي جاري رکڻو آهي.