اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شفاف چونڊ?? لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آهي، چونڊن ۾ شفافيت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان ڳالهه تي ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو اتفاق آهي ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن جن تي سڀني کي اعتماد ۾ هجي، صاف ۽ شفاف چونڊ?? لاءِ قدمن جي حوالي سان بامقصد نتيجي تي پهچڻ وڌيڪ اهم آهي، پار??يا??اني جمهوريت ۾ سدائين ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??جي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت 16 آڪٽوبر 2020ع تي ريفارمز پيڪيج جو بل پيش ڪيو پر پار??يا??اني ڪميٽي ۾ ڪنهن مخالف ڌر پارٽي ڪا دلچسپي نه ورتي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي ڳالهه اچي ٿي ته ان تي به مخالف ڌر پارٽيون مشين کي ڏسڻ کانسواءِ ئي رد ڪري ڇڏينديون آهن، ان کانپوءِ سينيٽ ۾ معاملو وڃي ٿو ته بحث ۽ مباحثي جي نظر ڪيو ويو ۽ بل منظور ڪرڻ جو وقت گذري ويو، هاڻي ان معاملي جي حل لاءِ هڪ ٻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هاڻي اهو معاملو پار??يا??ينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کنيو ويندو ته جيئن ڳالهين جي ذريعي سڀني ڌرين جي وچ ۾ اعتماد جي فضا پيدا ٿي سگهي، هن چيو ته حڪومت هر ڀيري مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته هو چونڊ سڌارن جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏي، وزيراعظم عمران خان پار??يا??ينٽ ۾ بيهي چيو ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجون تجويزون پيش ڪري اسان ان کي ڀليڪار چونداسين، مخالف ڌر پارٽين کي گهرجي ته هو چونڊ نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ شفافيت آڻڻ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏي، هن چيو ته بار بار ڌانڌلي جو شور ڪرڻ سان صرف وقت ضايع ٿيندو، گذريل چونڊن دوران تقر??بن 15 لک ووٽ رد ٿيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان هڪ ووٽ به رد نه ٿيندو، ان کانسواءِ ووٽ وجهڻ جو پيپر ٽريل به موجود هوندو جنهن کي بعد ۾ چيڪ ڪري سگهجي ٿو، اليڪشن ايڪٽ 2017ع به اي وي ايم جي استعمالو جي اجازت ڏي ٿو، دنيا جي 20 ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جو استعمال ڪيو پيو وڃي.