لاهور – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي مشڪلاتن کان پوري طرح آگاهه آهي، ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي پرائيس ڪ??ٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف بنا ف??ق جي ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، ??نج??ب ۾ ترقياتي منصوبن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??نج??ب جي وڏي وزير ??رد??ر عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي ??نج??ب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افصل ۽ آءِ جي ??نج??ب رائو ??رد??ر علي خان به موجود هئا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي ۽ ترقياتي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ جاري ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي اسڪيمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي مهانگائي تي ضابطو آڻن ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي تڪليف کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ پائيدار قدم کڻي ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي.
مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي پرائيس ڪ??ٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، منافعي خورن ۽ ذخيرو اندوزن جي خلاف بنا ف??ق جي ڪريڪ ڊائون جاري رهندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ??نج??ب ۾ جاري سمورن ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪن ته جيئن عوام جي سهولت ٿئي. وزيراعظم چيو ته عوام جي فائدي لاءِ سمورن عوامي ڀلائي جي منصوبن جي بهترين معيار کي يقيني بڻايو ويندو. قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.