تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغان عوام کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ معاونت ڪري، افغان عوام جي معاونت جي لاءِ منجمند اثاثا فوري طور تي بحال ڪيا وڃن. افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ?? ايران هڪ پيج تي آهن. افغانستان ?? امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، امن سان خطي ۾ واپا??ي سرگرمين کي هٿي ملندي. تهران ?? پنهنجي ايراني هم منصب سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وز??ر چيو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ?? ايران جي موقف ۾ هڪ جهڙائي آهي، ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ هڪ پيج تي آهن. پرڏيهي وز??ر چيو ته ايراني هم منصب سان ملاقات ۾ افغانستان ?? علائقائي ص ورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي ملڪ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اسان افغانستان ?? امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته افغانستان ?? امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وز??ر چيو ته افغانستان جي عوام گذريل چار ڏهاڪن دوران جنگين مان تنگ اچي چڪو آهي ۽ افغان عوام خاص طور تي امن ۽ استحڪام جي مستحق آهي. پرڏيهي وز??ر چيو ته عالمي برادري افغانستان ?? انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري. افغانستان ?? امن سان خطي ۾ واپا??ي سرگرمين کي فروغ ملندو. هن چيو ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ منجمند اثاثا فوري بحال ڪيا وڃن.