اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪميونٽي ويلفيئر ??تاشين جي ??ظام کي موثر ۽ فعال بڻائڻ جي ??دايت ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جيڪي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، جي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻايو وڃي، اها هدايت وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين واري صلاحڪار ايوب خان آفريدي سان ڳالهائيندي چئي. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسپين سان ٻٽي شهريت ۽ پاڪستاني نزاد ڪارڊ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ويزا جاري ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ڪميونٽي ويلفيئر ??تاشين (سي ڊبليو اي) جي ??ظام کي موثر ۽ فعال بڻائڻ جي ??دايت ڪئي ته جيئن سمنڊ پار پاڪستاني جيڪي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، جي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي.