اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نادرا (تر??يم??) آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آرڊيننس آئين جي ??رٽ??ڪل 89 تحت جاري ڪيو آهي، آرڊيننس سان نادرا آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 7 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. تر??يم?? آرڊيننس تحت سموريون ايجنسيون نادرا کي فورن ڊيٽا مهيا ڪرڻ جون پابند هونديون ۽ ڊيٽا مهيا نه ڪرڻ کي بي ضابطگي تصور ڪيو ويندو جڏهن ته لاڳاپيل قانون تحت ڪ??رر??ائي ٿيندي.