اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته م??ڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن م??ڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي حوالي س??ن اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ آبي وسيلن وارو وفاقي وزير مونس الاهي ۽ آبي وسيلن وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڻي جي انتظام جي لاءِ سيٽلايئٽ ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي س??ن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر چيو ته م??ڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻي جي انتظام جي موثر نظام جي ضرورت آهي. ايئر يونيورسٽي اسلام آباد جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف ڪفايت م??ڪ ۾ پاڻي جي مجموعي صورتحال جي حوالي س??ن تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن، ٻوڏ ۽ ڏڪار جي ڪري ملڪ کي س??ليانو 12 ارب ڊالر جي ويجهو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ان جي بهتر انتظام جي حوالي س??ن مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڻي جو بهتر انتظام ۽ نگراني لاءِ سڀني لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.