اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان متحده ??رب امارات تي حوثين جي ميزائل حملي جي مذمت ڪندي ان ??ي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده ??رب امارات جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النيهان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ حوثي با??ين پاران 30 جنوري تي متحده ??رب امارات تي ميزائل حملي جي سخت مذمت ڪئي. هن متحده ??رب امارات اپران وقت سر ۽ موثر فضائي دفاع سان قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم متحده ??رب امارات جي قيادت، عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو ا??ها?? ڪيو. وزيراعظم تازن حملن تي ڳڻتي جو ا??ها?? ڪندي انهن ??ي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ ڪوششن جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اعليٰ سطح تي ويجهي ۽ باقاعده مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.