اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪراچي ۾ سينيئر صحافي اطهر متين جي قتل تي افسوس جو ??ظهار ڪندي متاثر خاندان سان دلي تعزيت ڪئي آهي. اطلاعا?? واري وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪراچي ۾ لاء اينڊ آرڊر ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي. اندرون سنڌ ۾ به صحافين تي ه?? ٻئي ڏينهن حملا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قلم ۽ مائيڪ جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ڪراچي کي سيف سٽي بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو ??ستعمال لازمي آهي. هن چيو ته متاثر خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. الله تعاليٰ اطهر متين کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.