اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) نئين وفاقي ڪا??ينا جي ميمبرن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کڻي ورتو، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي نون وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، سياسي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن وفاقي ڪا??ينا جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي ڪا??ينا ۾ مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي، جمعيت علما??ِ اسلام (ف)، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي پارٽين کي نمائندگي ڏني وئي آهي. نئين ڪا??ينا ۾ جن وزيرن کي وفاقي وزير جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، سردار اياز صادق، راڻا تنوير حسين، خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، ميان جاويد لطيف، رياض حسين پيرزاده، مرتضيٰ جاويد عباسي، اعظم نذير تارڙ، سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، شيري رحمان، عبدالقادر پٽيل، شازيه مري، سيد مرتضيٰ محمود، ساجد حسين طوري، احسان الرحمان مزاري، عابد حسين، اسعد محمود، عبدالواسع، مفتي عبدالشڪور، محمد طلحيٰ محمود، سيد امين الحق، سيد فيصل علي سبزواري، محمد اسرار ??ري??، نوابزاده شاهه زين بگٽي ۽ طارق بشير چيما شامل آهن. ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، حنا رباني کر ۽ عبدالرحمان خان ڪانجو کي ڪا??ينا ۾ مملڪتي وزير جا قلمدان ڏنا ويا آهن. ڪا??ينا ۾ قمر زمان ڪا??ره، انجنيئر امير مقام ۽ عون چوڌري کي ص??اح??ارن جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي. نئين وفاقي ڪا??ينا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادين پارٽين جي سربراهن سان ڪا??ينا جي جوڙجڪ لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪا??ينا کي حتمي شڪل ڏني وئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپريل تي ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي محمد شهباز شريف جي 174 ووٽن سان پاڪستان جي 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊ ڪئي هئي.