اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪميشن کي تڪبندين لاءِ چار مهينا جڏهن ته عام چونڊن لاءِ وڌيڪ 3 مهينا گهربل هوندا، اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر 2022ع ت??ئي?? صاف شفاف عام چونڊون منعقد ڪرائي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن پاران صدر پاران چونڊن جي تيارين جي حوالي سان لکيل خط جي جواب ۾ صدر کي لکيل خط ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي جنهن جي آئيني ذميداري چونڊون منعقد ڪرائڻ آهي جيڪا ان کي آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت حاصل آهي، چونڊن لاءِ تڪبن??يو?? هڪ بنيادي قدم آهي، چونڊ قانون 2017ع جي سيڪشن 17 ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5) تحت آخري آدم شماري جا سرڪاري انگ اکر جاري ٿيڻ کانپوءِ آبادي جي بنياد تي تڪ بن??يو?? ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آهي، ڇهين آدمشماري جنهن جو انعقاد 2017ع ۾ ٿيو هو ان جا انگ اکر 3 جنوري 2018ع تي جاري ڪيا ويا جنهن جي بنياد تي آرٽيڪل 51 (5) ۾ ترميم جي ذريعي هڪ ڀيري لاءِ تڪ بندين جي اجازت ڏني وئي جنهن جي بنياد تي 2018ع جي عام چونڊن لاءِ تڪبن??يو?? ڪيون ويون، خط ۾ چيو ويو آهي ته 25 هين آئيني ترميم تحت فاٽا کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون گهٽ ٿي ويون آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي جُون سيٽُون 272 کان گهٽجي 266 ٿي ويون آهن ان جي ڪري نيون تڪ بن??يو?? لازمي آهن تنهن هوندي به ايئن ان وقت ت??ئي?? ممڪن نه آهي جيست??ئي?? پاڪستان بيورو آف شماريات پاران آدمشماري جا سرڪاري نتيجا جاري نٿا ڪيا وڃن، خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ان کان اڳ اهو فيصلو ڪيو ته ڊجيٽل آدمشماري جو انعقاد ڪرائي ويندي جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران سيپٽمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع تي پارليماني معاملن واري وزارت کي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن جي ڇپائي ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٻه ڀيرا خ?? لکيو ويو، ڊجيٽل آدمشماري جو اهو منصوبو مارچ 2023ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن کي هن وقت ت??ئي?? لاڳاپيل وزارتن پاران ڪو به جواب ناهي مليو جنهن جي ڪري تڪ بندين ۾ دير ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي انعقاد لاءِ پرعزم آهي تنهن هوندي به وڌيڪ چار مهينا تڪ بندين لاءِ گهربل هوندا، چونڊن جو ايمانداراڻو، شفاف ۽ منصفاڻو انعقاد آڪٽوبر 2022ع ت??ئي?? ممڪن آهي، اليڪشن ڪميشن صدر سان وڌيڪ غور لاءِ ملاقات جي به درخواست ڪئي آهي.