اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف اتر ??زي??ستان جي علائقي ايشام ۾ فوجي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ واقعي ۾ 7 فوجين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ??زي??اعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جو پاڪستاني فوج جي قافلي تي حملو مذمت جوڳو آهي، اه??ا واقعا امن جي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن چيو ته حوالدار طارق يوسف، سپاهي سليمان وقاص، سپاهي جنيد علي، سپاهي اعجاز حسين، سپاهي وقار احمد، سپاهي محمد جواد امير ۽ سپاهي ارشد علي شهادت ماڻي. ملڪ ۽ قوم جي لاءِ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ??زي??اعظم چيو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي فرزندن کي سلام پيش ڪريان ٿو. ??زي??اعظم چيو ته شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ دعاڳو آه??ون.