ٽوڪيو – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آزاداڻي سيڙپڪاري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ سيڙپڪاري جو سا??گار ماحول ۽ بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو، جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن ۾ دستياب منافع ??خش موقعن مان فائدو کڻن. هو ٽوڪيو ۾ جاپان پاڪستان بزنس ڪميونٽي طرفان ڏنل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي پاڪستان بزنس ڪوآپريشن ڪميٽي جي وفد ۾ ميرو بيني ڪارپوريشن، ٽويوٽا موٽرز، سوزوڪي موٽرز، متسوبشي، سومي ??وم??، يونيورسا آئي ميٽلز ۽ مٽسوئي سميت مشهور جاپاني بزنس ڪارپوريشنز جا نمائندا به موجود هئا.