اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پهرين ڏين??ن چيو هو ته مولانا جي هڪ ئي ايجنڊا آهي اسان کي به کيڏايو نه ته راند ختم ڪريو، فضل الرحمان اقتدار جي محرومي جو بدلو پاڪستان ۽ قوم کان نه وٺي، پاڪستان جي عوام ۽ قومي سلامتي جي ادارن ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ لازوال قر??انيون ڏنيون آهن، اسان جا ادارا اسان جو فخر، ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جا ضا??ن آهن، پنهنجي ڪڌن ذاتي سياسي ارادن کي تسڪين جي لاءِ انهن ??ي سياست ۾ ڌ??ڻ افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خصوصي معاون چيو ته جٿن، ذاتي فوج ۽ جلسي ۾ طالبان جا جهنڊا لهرائي فضل الرحمان پاڪستان جي اڀرندڙ روشن تشخص کي ڇو داغدار ڪرڻ چاهي ٿو.