اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿ??رٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ ضروري قدمن جي اصولي منظوري ڏني وئ?? آهي ملڪي ڪلچر ۽ سماجي قدرن جي فروغ سميت پروڊڪشن جو معيار بهتر بڻايو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪي فلم انڊسٽري جي بحالي با??ت اجلاس منعقد ٿيو.