اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي لاءِ تعمير??تي سرگرمين جي اهميت کي اجاگر ڪندي هدايت ڪئي آهي ته حڪومتي اجازت نامن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاررواين ۾ ڄاڻي واڻي دير نه ڪئي وڃي ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ منظورين جو عمل آسان بڻايو وڃي. هو هائوسنگ، تعمير??ت ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاع??ت ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسي??، خاص مددگار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته تعمير??تي منصوبن کي گئس ۽ بجلي جي جلد فراهمي جو طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، سرويئر جنرل آف پاڪستان اجلاس کي ڪيڊسٽرل مي??نگ جي حوالي سان بريف ڪيو ويو.