اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس هوابازي، تعليم، ڪسٽمز ۽ بيئنڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي 18 معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم محمد ن??از شريف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو وزيراعظم هائوس ۾ گڏيل بيان تي صحيحون ڪيون ۽ معاهدن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي ملڪ ڪسٽمز معاملي ??ي باري ۾، سول ۽ ڪمرشل معاملن ۾ قانوني مدد ??ي باري ۾ ۽ دوستي ۽ تعاون جي معاهدي جي تو??يق جي مٽاسٽا دستاويزن تي صحيحون ڪيون، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري خاص صلاحڪار طارق فاطمي ۽ بيلاروس جي پرڏيهي وزير و??ادي مير ميڪائي ٽنهي دستاويزن تي صحيحون ڪيون، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ نيشنل بئنڪ آف بيلاروس جي وچ ۾ ايم او يو تي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سعيد احمد ۽ بيلاروس جي نيشنل بئنڪ ??ي بورڊ جي چيئرمين ممانو وچ پيٽر صحيحون ڪيون.