اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته بشڪيڪ مان اٽڪل 4 هزار شاگردن جي واپسي کانپوءِ پرڏيهي وزارت هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪمپني ج??ڙي آهي ته جيئن ان واقعي جا سبب جانچڻ سان گڏوگڏ اتان جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ پ??ڪس??ان جي مشن جي ڪردار جو جائزو وٺي سگهجي. جڏهن ته ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) محمد سليم جي سربراهي ?? هڪ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڪميٽي حقيتون ڄاڻڻ جي لاءِ پ??ڪس??اني مشن ۽ ڪرغزستان حڪومت سميت لاڳاپيل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي. هو بشڪيڪ مان واپسي تي پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪري رهيو هو. اسحاق ڊار جيڪو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانه جو دورو ڪري رهيو هو، اتان پنهنجي ڪرغز هم منصب سان گڏ بشڪيڪ ويو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٻن هفتن جي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. هن ٻڌايو ته وفاقي وزيرن کي ڪرغز عملدارن جي تجويز تي بشڪيڪ جو دورو ملتوي ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ آستانه ۾ پنهنجي ڪرغز هم منصب سان ڳالهه ٻولهه دوران هن تشدد کان متاثر پ??ڪس??اني شهرين سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو، جنهن کانپوءِ هو اتي ويو. بشڪيڪ جي دوري دوران نائب وزيراعظم پ??ڪس??اني پورهيت شاهزيب سان اسپتال ۾ ملاقات ڪئي جنهن کي ان واقعي ۾ ڄاڙي جو فريڪچر ٿيو هو. بعد ۾ بشڪيڪ جي صحت واري کاتي جي عملدارن جي اجازت کانپوءِ هو پنهنجي خواهش تي نائب وزيراعظم جي خ??وصي جهاز ۾ واپس پ??ڪس??ان آيو. نائب وزيراعظم کي ڪرغزستان عملدارن ٻڌايو ته تشدد جي انهن واقعن جو هدف رڳو پ??ڪس??اني شهري نه هئا. جيتوڻيڪ ان معاملي کي ڪرغزستان جي صدر جي ذريعي اهو اعلان ڪرڻ کانپوءِ ح?? ڪيو ويو ته اڳتي اهڙي ڪنهن به تشدد جي خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي هوندي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ڪرغزستان حڪومت انهن کي خ??طري ڪرائي ته ڏوهارين کي سزا ڏني ويندي. جڏهن ته ڪجهه کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪرغزستان حڪومت غيرملڪي شاگردن کي پنهنجو معزز مهمان سمجهي ٿي جيڪي قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهن ٿا. نائب وزيراعظم چيو ته سندس درخواست تي ڪرغزستان عملدارن اٽڪل 1100 انهن پ??ڪس??اني ورڪرز کي ريگيولرائيز ڪرڻ تي راضي ٿيا جن کي قيام جو مدو پورو ڪرڻ تي ملڪ بدر ڪرڻ جو ارادو هو. هن چيو ته انهن ڪرغز حڪومت کي ايجنڊا جي ذريعي نه پر حڪومت سان حڪومت جي طريقيڪار تحت پ??ڪس??ان جي هنرمند افرادي قوت درآمد ڪرڻ جي آڇ به ڪئي آهي. جنهن تي هو متفق ٿي ويا آهن. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته بشڪيڪ ايئرپورٽ تي انهن سان ڳالهه ٻولهه دوران پ??ڪس??اني شاگردن جي نمائندن صورتحال دوران پ??ڪس??اني مشن جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. شاگردن ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي جي حوالي سان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هن ڪرغزستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي مشورو ڏنو آهي ته هو انهن سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پنهنجا نمائندا موڪلين. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب وزيراعظم چيو ته ڪرغزستان ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪندڙ پ??ڪس??اني شاگردن تي اڳ ۾ ئي پي ايم ڊي سي ۽ ايڇ اي سي پاران سوال اٿاريا ويا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف منهنجي سربراهي ?? هڪ ڪميٽي ج??ڙي آهي جيڪا ان ڳالهه جو جائزو وٺندي ته ميڊيڪل جي تعليم جي خواهشمند نوجوانن جي پ??ڪس??ان جي اعليٰ طبي تعليم جي معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ مقامي طور تي ڪيئن گنجائش پيدا ڪري سگهجي ٿي.