اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڌرڻي جا ڪارڪن ميدان ۾ جڏهن ته اڳواڻ بسترن ۾ آهن، اهو کليو تضاد آهي، عالم دين جو ڪم اصلاح ??وندو آهي ڪنهن جي ذات تي گند اڇلائڻ ناهي هوندو، مولانا فضل الرحمان سياسي ميدان ۾ مذه??ي ڪارڊ استعمال ڪري رهيو آهي، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳاله??ئي??دي هن چ??و ته حڪومت طرفان ڳالهين جا دروازا کليل آهن، حڪومت معاشي محاذ، آئيني ادارن، عدالتي سڌارن، سياسي سڌارن ۽ معاشي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي.