اسلام آب??د ?? 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ پاڪستان جي اصل چهري کي ??جاگر ڪيو آهي، ملڪ جي مفاد ۾ سمورين سياسي پارٽين قومي مفاد کي ??هميت ڏني، پارليامينٽ ۽ ميڊيا مبارڪب??د جا مسحق آهن، اڄ جمهوري عمل مڪمل ٿيو آهي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ جي مسئلن جو حل پارليامينٽ آهي، قانونسازي جو عمل اتفاق راءِ سان مڪمل ٿيو آهي، سمورين سياسي پارٽين يڪجهتي جو مظاهرو ڪري قانون کي منظور ڪيو، دفاع ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورن ميمبرن کي وقت تي اطلاع ڏنو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.