اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صد??رت ۾ وفاقي ڪابينا گرم?? جي ايندڙ موسم ۾ ڊينگ?? جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪجهه ضروري دوائون ڀ??رت کان درآمد ڪرڻ جي هڪ ڀير?? جي اجازت جي تجويز رد ڪري ڇڏي جڏهن ته کن?? جي معامل?? جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي کي پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن آف انڪوائري جا اختيار ڏيڻ، هر سال پروف آف ليونگ (زندهه هجڻ جو ثبوت) جي ڏس ۾ نادرا جي بايوميٽرڪ ويريفڪيشن نظام کي لاڳو ڪرڻ، وفاقي گادي واري شهر جي حدن ۾ موجود ادارن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي جاين لاءِ اسلام آباد ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن جي ڪوٽا 50 سيڪڙو ڪرڻ، مختلف ادارن ۾ مقررين جي منظوري ڏيندي، سيڙپڪاري بور?? جي چيئرمين زبير گيلان?? جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان جي صد??رت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلا??ات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا وفاقي ملازمن پاران پگ??ارن ۾ اضاف?? جي مطالبي جو پڻ جائزو ورتو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن پاران رو??يت جي ابتڙ ملازمن جي پگ??ارن ۾ اضافو ڪيو ويو جنهن سان صوبائي ۽ وفاقي سطح تي پگ??ارن ۾ فرق موجود آهي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي لاءِ پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ جو هڪ طريقو قانون ۾ موجود آهي جنهن جي پاسداري انتهائي ضروري آهي.