اسلام آباد ??? 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ن ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ملاقات ڪئي آهي ۽ کيس واپاري برادري جي لاءِ معاشي پئڪيج ۽ احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دور??ن ناڻي واري صلاحڪار وزيراعظم کي ٺوس معاشي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جو اعلان حڪومت واپاري برادري، اي?? ايم اي?? ۽ عوام جي مدد لاءِ ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي قرض ملتوي ڪرڻ، نوان قرض سبسڊي تي ڏيڻ، ٽيڪس ري فنڊ ذريعي روڪ رقم جي منتقلي، سماجي تحفظ جي احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.