مهمند – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گئس ۽ بجلي جُون قيمتون نه وڌائڻ جو و??ضح اعلان ڪندي چيو آهي ??ه اسان جي حڪومت ملڪي نظام ٺيڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، مشڪل وقت مان گذري آيا آهيون، هاڻي سٺو وقت ايندو، مهانگائي تي ضابطو آڻي ورتو آهي، ذخيره اندوزي ڪري پئسو ڪمائيندڙ کي نه ڇڏيندس، ڪجهه به ٿي وڃي بجلي گئس جي قيمت وڌڻ نه ڏينداسين پر گهٽ ڪنداسين، عوام ڪڏهن به اهڙي پارٽي کي ووٽ نه ڏي جنهن جا ٻاهرين ملڪن ۾ محلاتون ۽ اڪائو??ٽس هجن، سڄي جو سڄو ٽولو ٻاهر ويٺو آهي، چوري نه ڪندڙ کي لنڊن ڀڄ?? جي ضرورت ناهي هوندي، افغانستان سان واپار جي لاءِ سرحد کولي ويندي، افغانستان ۾ امن معاهدي جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ڪفالت پروگرام جي حوالي سان هتي منعقد عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.