اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ کي خط لکيو آهي جنهن ۾ سينيٽ جي قاعدن ۽ ضابطن موجب گوادر ضلعي، ??لوچستان بابت معاملو ڪميٽي کي ريفر ڪيو ويو آهي، ??ينيٽ چيئرمين ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته گوادر ضلعي لاءِ انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، فيڊريل ايڪسائيز ۽ ڪسٽم ڊيوٽيز جي مد ۾ 10 سالن جي ڇوٽ جي معاملي جو جائزو وٺي ۽ بجيٽ سفارشن ۾ تفصيلي ??پو??ٽ پيش ڪئي وڃي.