اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي ڪرپشن بابت سوالن جو جواب پنهنجي گهر مان ئي ملي ويندو، سندس والد سري محل کان وٺي هر قسم جي ڪرپشن ڪري هاڻي بلاول کي ??ياست ۾ آندو آهي ته جيئن سندس ڪرپشن کي ??حفظ ملي سگهي، بلاول ڀٽو پنهنجي والد کان پڇي ته ڪهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪي سطح تي پارٽي هڪ علائقائي پارٽي بڻجي وئي آهي، مخالف ڌر ڪن کولي ٻڌي وٺي انهن کي ??ين آر او نه ملندو، مخالف ڌر جي نيب قانون بابت 38 تر??يمن کي ??ديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندڙن ڪرپشن جي نئين تشريح ڪري ڇڏي آهي ته هڪ ارب جي ڪرپشن کي ڪرپشن نه چيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زندگي ۾ هڪ رپيو نه ڪمايو، نه ڪنهن جي مدد ڪئي ?? نه ئي ڪنهن سماجي ڪم ۾ حصو وڌو، بلاول ڀٽو زرداري اسان کان جيڪي سوال ڪري رهيو آهي هو اهي سوال ڪرڻ کان اڳ پنهنجي گهر ۽ خاندان تي نظر وجهي ته سري محل خريد ڪيو ويو، 65 ملين ڊالر جو اڪ??ئو??ٽ ڪنهن جو آهي، ڪراچي ۾ لاتعداد ملڪيتون ڪنهن جون آهن، اومني گروپ ڪيئن ٺهيو ته کيس انهن سمورن سوالن جا جواب ملي ويندا.