اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خصوصي ماڻهو ۽ معاشري جي محروم ماڻهن جي لاءِ خدمتون ??رانجام ڏيندڙ شخصيتون ۽ ادارا حقيقي معنيٰ ۾ خراج تحسين جا مستحق آهن. پارليامينٽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ قانونسازي ۾ جهول ختم ڪري روايتي طريقيڪار کان هٽي سوشل ويلفيئر جي لاءِ ڪم ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون ??ڏهن قومي اسيمبلي ۾ آيس ته مون ??وچيو ته پارليامينٽ کي انهن ماڻهن جي لاءِ استعمال ڪيو ??ڃي جيڪي محرومين جو شڪار آهن، مون ??ڀ کان اڳ ٽنڊوالهيار ۾ راشد آباد جو دورو ڪيو، اتي خصوصي ماڻهن جي لاءِ تعليم، صحت، رهائش ۽ ٻيون ??هولتون ڪنهن فائي?? اسٽار هوٽل کان به وڌيڪ آهن.