اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ 87 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 45 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 3179 نوان مثبت ڪيس سامهون آيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران 74 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 13 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي 4 وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 46 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 41 سيڪڙو، لاه??ر ۾ 34 سيڪڙو ?? پشا??ر ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وارن بسترن تي راولپنڊي ۾ 40 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 42 سيڪڙو، پشا??ر ۾ 59 سيڪڙو ?? ايبٽ آباد ۾ 39 سيڪڙو مريض آهن، گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 48 هزار 75 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 20 هزار 681، پنجاب ۾ 15 هزار 133، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 213، اسلام آباد ۾ 5 هزار 749، بلوچستان ۾ 337، گلگت بلتستان ۾ 373، آزاد ڪشمير ۾ 579 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 لک 4 هزار 501 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪووڊ – 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص وينٽيليٽرز تي 279 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 40 هزار 922 آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 4 لک 54 هزار 673 آهي.