اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ چين جي س??ير نونگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيني س??ير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپا دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهن، ٻنهي دوس?? ملڪن جا لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار آهن. ٻنهي دوس?? ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن، چين ۽ پاڪستان علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکندڙ آهن ۽ ٻنهي دوس?? ملڪن علائقائي۽ عالمي فورمن تي ??ڪٻ??ي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.