اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشنز (ترميمي) آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري پڌرائي موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 122 جي ذيلي سيڪشن 6 ۾ ترميم ڪئي وئي. جيڪڏهن سپريم ڪ??رٽ دائره ڪار 2021ع جي ريفرنس نمبر 1 تي راءِ ڏي ٿي ته سي??يٽ اليڪشن آئين جي آرٽيڪل 226 جي دائري ڪار ۾ نه ٿيون اچن ته سي??يٽ اليڪشن مارچ 2021ع اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائي ويندي. سياسي پارٽين جا قائد پنهنجي پارٽي ميمبرز پاران وڌل ووٽ ڏسڻ جي درخواست ڪميشن کي ڪري سگهندا ۽ ڪميشن سياسي پارٽي جي قائد يا ان جي نمائندي کي ووٽ ڏيکاريندي.