اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) ڪابين?? جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي تحت فيز ون ۾ هن سال جي آخر تائين هڪ لک گهرن جي تعمير لاءِ مقرر ڪيل موزوينت ۽ ادائيگي جي طريقيڪار ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت سان رهتن ۽ ٽيرف بابت معاملن جي حل لاءِ ذيلي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي من??ور?? ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ ٿرڪول بيسڊ پراجيڪٽ جي لاءِ م??ام?? بئنڪن کان 15:250 ارب رپين جي قرض لاءِ پاڪستان حڪومت جي ساورن گارنٽي جاري ڪرڻ جڏهن ته 3 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪابين?? جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري و??اق?? وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.