اسلام آباد – 11 ا??ريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪير بکيو نه سمهي پروگرام کي پوري ملڪ تائين سگهه ڏينداسين، سرندي وارا ماڻهو ان پروگرام ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، هر شهري جي لاءِ هيلٿ انشورنس جو پروگرام فخر جوڳو آ??ي، ان پروگرام کانپوءِ هاڻي ڳوٺاڻن علائقن ۾ به نجي شعبي ۾ سٺيون اسپتالون ٺهنديون. لاهور، پشاور ۽ فيصل آباد ۾ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي خاص طور تي ڪير بکيو نه سمهي پروگرام جي تصور کي عملي جامعو پارائڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن ان تصور کي ٽرڪ موبائيل ڪچن جو تصور ڏئي عملي جامعو پارايو، جيڪي علائقا سڀ کان وڌيڪ پ??تي پيل ۽ غريب هوندا اتي ان پروگرام تحت اهي موبا.ئيل ٽرڪ ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪنديون، شروعاتي طور تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو ان ۾ جيڪي مشڪلاتون اچي رهيون هيون انهن جو جائزو ورتو ??يو ۽ ان کانپوءِ لاهور، پشاور ۽ فيصل آباد ۾ اهو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، هي شروعات آ??ي، ان جو دائرو پوري ملڪ تائين وڌايو ويندو، غريب ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ اهي موبائيل ٽرڪ موڪليون وينديون.