اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ??ديني جي رياست وانگر جن??ن به قوم معاشري جي ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي ۽ قانون جي بالادستي جو اصول اختيار ڪيو ان قوم ترقي ڪئي، چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، اسان انهي ماڊل تي عمل ڪري رهيا آهيون، احساس پروگرام ان سلسلي جي ڪڙي آهي، ورلڊ بئنڪ موجب ڪورونا وائرس سبب متاثر طبقي کي فوري ۽ شفاف انداز ۾ مدد ڏيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي آهي. هو احساس بچت بئنڪ اڪائونٽ پروگرام جي آغاز تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر به خطاب ڪيو، وز??راعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته ??و ورلڊ بئنڪ پاران احساس پروگرام کي سيفٽي نيٽ جو ڪووڊ جي دوران دنيا جو چوٿون بهترين پروگرام ق??ار ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر، احساس جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.