اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين ??الگرهه جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ چيني صدر شي چن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ جي ترقي کي بلند معيار تي فروغ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل خطن جي مٽاسٽا ڪئي آهي ۽ پنهنجي پنهنجي حڪومتن ۽ عوام پاران هڪٻئي کي مبارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي چيني هم منصب جي نالي خط ۾ چ??و ته هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪستان ۽ چين ??وستي کي نئين ??لندين ??ائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل مستقبل جي حامل ويجهي پاڪ چين ڪميونٽي کي جوڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيني صدر جي سٺي صحت ۽ چين ??ي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪ??و. ٻئي طرف چين ??ي صدر شي چن پنگ پنهنجي خط ۾ چ??و ته چين ۽ پاڪستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، جيڪي سدائين ??نيادي مفاد ۽ وڏي اهميت رکندڙ معاملن تي هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، هن چ??و ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ دوستي 70 سالن کان قائم ۽ دائم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام جو سڀ کان قيمتي اثاثو بڻجي چڪي آهي.