اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر سيف الله نيازي، عامر محمود ڪياني ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار سردار تنوير الياس ملاقات ڪئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبر مرحوم صغير چغتائي جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي و??ي، ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ۾ ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آزاد ڪشمير جي صدر، وز??را??ظم ۽ اسپيڪر جي نامزدگي جو فيصلو اليڪشن کانپوءِ وز??را??ظم پاڻ ڪندو.