اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اين سي او سي اجلاس دوران ڪراچي ۾ ڪورونا وبا جي تيزي سان پکڙجڻ تي غور ڪيو ويو. سنڌ حڪومت سان تعاون لاءِ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. جمعي ڏينهن نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پا??ان جاري ڪيل بيان موجب اين سي او سي اجلاس دوران ڪراچي ۾ وبا جي تيزي سان پکڙجڻ تي غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت سان تعاون لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن ته جيئن وبا جي پکيڙ کي روڪي سگهجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پا??ان سنڌ حڪومت سان تعاون لاءِ کنيل قدمن ۾ آڪسيجن بيڊز، وينٽي ليٽرز جو تعداد وڌائڻ سميت آڪسيجن جي دستي??بي شامل آهي، قدمن تحت قانون ??اڳ?? ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ مقرري به قدمن ۾ شامل آهي.