اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي نيشنل ڊيجيٽل انفارميشن پليٽ فارم ”اين ڊي آئي پي“ منصوبي تحت قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جو افتت??ح ڪري ڇڏيو. پاڪ چائنا ??ري??ڊشپ سينٽر ۾ ان حوالي سان هڪ پروقار تقريب دوران صدر ڊا??ٽر عارف علوي قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي تحت پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان، پيمرا، پي آئي ڊي، ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۽ ميڊيا يونيورسٽي جو افتت??ح ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، اطلاعت ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊا??ٽر شيرين مزاري، وزيراعظم جو احتساب ۽ گهرو معاملن بابت خاص معاون شهزاد اڪبر ۽ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد کانسواءِ اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا.