اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ??فغ??نستان ۾ ڪنهن مخصوص گروپ جي حمايت نه ڪري رهيو آهي، موجوده حالتن ۾ ??فغ??نستان ۾ سياسي مفاهمت مشڪل نظر اچي رهي آهي، ??فغ??نستان ۾ جيڪا به حڪومت ٺهند?? پاڪستان ان سان گڏجي ڪم ڪندو، ??فغ??نستان ۾ امڪاني ڊگهي خانه جنگي جي صورت ۾ ??فغ??نستان کانپوءِ ٻيو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان هوندو، واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان فوجي اڏن جي اجازت نه ڏيندو، نٿا چاهيون ته اسان جي سرزمين ??فغ??نستان ۾ حملن جي لاءِ استعمال ٿئي، ??فغ??ن حڪومت هر طرح جي حڪومتي ۽ انتظامي خرابين جو الزام پاڪستان تي لڳائي رهي آهي، آمريڪا جي ڪوشش رهي آهي ته طالبان ۽ ??فغ??ن حڪومت ڪنهن معاهدي تي پهچي وڃن، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار غير ملڪي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ??فغ??نستان جي صورتحال جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان کي اميد هئي ته ??فغ??نستان جو مسئلي جو ڪو سياسي حل نڪري ايندو پر هن وقت اهڙو مشڪل نظر اچي رهيو آهي، اهو مشڪل ان لاءِ آهي ته ڇو ته طالبان انڪار ڪري رهيا آهن، طالبان جي سينئر قيادت پاڪستان آئي هئي ۽ اسان کين پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن سياسي حل طرف اڳتي وڌن. هن چيو ته سياسي حل ئي ??فغ??نستان کي انتشار طرف وڃڻ کان روڪي سگهي ٿو، بدقسمتي سان جڏهن طالبان هتي آيا هنن اشرف غني سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهن جي شرط اها آهي ته جيستائين اشرف غني اقتدار ۾ آهي هو ??فغ??ن حڪومت سان ڳالهيون نه ڪندا، وزيراعظم چيو ته 2019ع ۾ جڏهن پاڪستان طالبان کي آمريڪا سان ڳالهين تي راضي ڪيو هو ته مون تجويز پيش ڪئي هئي ته چونڊن کان اڳ اتي هڪ عبوري حڪومت هجڻ گهربي هئي ته جيئن چونڊن ۾ سڀئي ڌريون شامل ٿين، ??فغ??ن حڪومت عبوري حڪومت جي خيال کي تنقيد جو نشانو بڻايو، هنن چونڊون ڪرايون ۽ صدر اشرف غني چونڊجي ويو، هن چيو ته جڏهن اشرف غني صدر چونڊجي ويو ۽ طالبان ان عمل ۾ شريڪ نه ٿيا، اشرف غني ضد ڪيو ته طالبان ساڻس ڳالهيون ڪن ۽ طالبان نه کيس ۽ نه ئي چونڊن کي تسليم ڪيو، طالبان ??فغ??ن حڪومت سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح ان مسئلي جنم ورتو ۽ اهو مسئلو هاڻي به جيئن جو تئين موجود آهي، وزيراعظم چيو ته ??فغ??ن حڪومت سمجهي ٿي ته اسان وٽ ڪا جادوئي طاقت آهي ته اسان جيئن چاهينداسين ان تي طالبان کي راضي ڪري وٺنداسين، جڏهن آمريڪين پنهنجا فوجي واپس موڪلڻ شروع ڪيا ۽ خاص ڪري جڏهن هنن نڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ته ان کانپوءِ طالبان تي اسان جو اثر رسوخ انتهائي گهٽ ٿي ويو ڇو ته طالبان سمجهيو ته هنن جنگ کٽي ورتي آهي، هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ??فغ??نستان ۾ امڪاني ڊگهي خانه جنگي جي صورت ۾ ??فغ??نستان کانپوءِ ٻيو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان هوندو. اسان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿينداسين، پهريون سبب ??هو آهي ته ??فغ??نستان کان وڌيڪ پختون پاڪستان ۾ آهن، طالبان بنيادي طور تي پختونن جي تحريڪ آهي ۽ ان جا اثر پاڪستاني علائقن ۾ ايندا. 2003ع ۽ 2004ع کانپوءِ ائين ٿي چڪو آهي اسان پنهنجي پختون علائقن ۾ ??فغ??نستان جي صورتحال جي نتيجي ۾ رد عمل آيو ۽ پاڪستان کي 70 هزار جانين جو نقصان کڻڻو پيو ڇو ته اسان آمريڪا جي حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ان ڳالهه جو امڪان آهي ته اسان جي پختون علائقن ۾ وري مسئلا پيدا ٿيندا، ستر هزار جانين ۽ معيشت کي 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان سان گڏوگڏ اسان جي قبائلي علائقن مان 30 لک ماڻهن کي پنهنجي گهرن کي ڇڏڻو پيو، اها پهرين پريشاني آهي، ٻي پريشاني پناهگيرن جي آهي، اسان وٽ هتي پهرين ئي 30 لک رجسٽرڊ ??فغ??ن پناهگير موجود آهن، اسان جي معيشت درست رخ ۾ گامزن آهي ۽ اسان ايئن هرگز نه چاهينداسين ته وڌيڪ پناهگير پاڪستان اچن ۽ ٽئين ڳالهه اها آهي ته اسان ??فغ??نستان جي رستي وچ ايشيا سان رابطن جا عظيم منصوبا ٺاهيا آهن، وزيراعظم چيو ته ازبڪستان کان ??فغ??نستان ۾ مزار شريف جي رست?? پاڪستان ريلوي لائن منصوبي جي سلسلي ۾ تازو ئي تاشقند ويو هو جيڪو ان پوري خطي ک?? پاڻ ۾ ملائيندو، ??فغ??نستان ۾ خانه جنگي جي صورت ۾ وچ ايشيا سان رابطن تي ٻڌل اسان جي معاشي ايجنڊا پوئتي هلي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ??فغ??ن عوام پاران نامزد يا چونڊيل ڪنهن به حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، افعان عوام جنهن حڪومت کي به پنهنجو نمائندو سمجهند?? پاڪستان ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ??فغ??نستان تي طالبان جي ڪنٽرول جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته طالبان جي ڪنٽرول جو دارومدار ان جي نوعيت تي آهي، جيڪڏهن طالبان جي ڪنٽرول ۾ سڀئي ڌريون شامل هجن ته اهو ??فغ??نستان جي لاءِ بهترين آپشن آهي، جيڪڏهن اها سڀني جي نمائنده حڪومت آهي پر جيڪڏهن اها ڪنهن هڪ ڌر جي حڪومت آهي ۽ سڄي ??فغ??نستان ۾ جنگ ٿي رهي هجي ته اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن طالبان فوجي قبضي جي نتيجي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري وٺن ٿا ته ان مان مراد ڊگهي خانه جنگي آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڇا هن وقت پهرين ترجيح ??فغ??نستان ۾ جنگ بندي هجڻ گهرجي ڇو ته شهري متاثر ٿي رهيا آهن، اها صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي جيڪڏهن جنگ جاري رهي ٿي ۽ وڏن شهرن ۾ پکڙجي وڃي ٿي، جنگ جو وڏن شهرن ۾ پکڙجڻ سان وڏي تعداد ۾ فوتگين جو امڪان آهي. وزيراعظم چيو ته هر قيمت تي جنگ بند ٿيڻ گهرجي ۽ دوحه ڳالهين جو پيش نظر به اهو ئي آهي، آئون ڪنهن فوجي حل جو حامي نه آهيان، هڪ سياستدان جي طور تي اهو سمجهان ٿو ته اسان کي سدائين سياسي حل ئي کي ڳولڻ گهرجي.