اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ جن پارٽين 30 سال حڪومت ڪئي، اڄ اهي پ??هن??و منهن لڪائي رهيون آهن، تحريڪ انصاف واحد حڪومت آهي جيڪا عوام جي سامهون پ??هن??ي ڪارڪردگي فخر سان پيش ڪري رهي آهي، سمورين وزارتن ??ي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ نئين ر??اي?? آهي، اڄ اسان جي پرڏيهي پاليسي خودداري تي ٻڌل آهي، افغانستان ۾ اسان ??ي ڪردار جي اڄ پوري دنيا اعتراف ڪري رهي آهي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي عالمي افق تي واپس ??ند??، ڪشمير، فلسطين سميت ٻين وڏن مسئلن تي اسان جي حڪومت هڪ آواز آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت آبادگارن جي مفاد ۾ ڪيترائي قدم کنيا، هيٺين طبقي لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ جدت ??ند??، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا، وزيراعظم عمران خان اڄ پ??هن??ي حڪومت جو آئنده جو لائحه عمل پيش ڪندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ميڊيا سان ڳالهائين??ي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. وفاقي وزير چيو ته اڄ ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي اسان جو موٽو ”لگن، انصاف، انسانيت ۽ خودداري اسان جي منزل“ آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت انصاف، انسانيت ۽ خودداري لاءِ ڪم ڪيو، ماضي ۾ 30 سال حڪومتون ڪندڙ اڄ پ??هن??و منهن لڪائي رهيا آهن، پر وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت پ??هن??ي ٽن سالن ??ي ڪارڪردگي فخر سان عوام جي سامهون پيش ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي ۾ جرئت نه آهي ته هو عوام جي سامهون اچي انهن سان ڪيل واعدن تي پ??هن??ي ڪارڪردگي پيش ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان اڄ سمورين وزارتن جي ٽن سالن ??ي ڪارڪردگي تي ٻڌل ايئر بڪ جو به افتتاح ڪري رهي آهي، هر وزارت پ??هن??ي ڪارڪردگي عوام جي سامهون پيش ڪري رهي آهي، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آهن، هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اڄ جي تقريب جي ميزبان آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان سمورا انگ اکر ۽ حقيقت سان گڏ پ??هن??ي ڪارڪردگي رپورٽ عوام جي سامهون رکنداسين، اسان آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، آبادگارن کي 1100 ارب روپين جي اضافي آمدني ٿي، جڏهن آمدني ۾ اضافو ٿيندو آهي ته مهانگائي ۾ اضافو غير لاڳاپيل ٿي ويندو آهي، هن چيو ته اسان هيٺين طبقي لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ستر سالن کانپوءِ وڏا سڌارا ڪيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ جدت ??ند?? وئي، اڄ اسان جي پرڏيهي پاليسي خودداري تي ٻڌل آهي. هن چيو ته وزيراعظم پ??هن??ي حڪومت جي آئنده جو لائحه عمل به پيش ڪندو، تحريڪ انصاف پ??هن??ا پنج سال مڪمل ڪندي ۽ ايندڙ پنج سال به تحريڪ انصاف جا ئي هوندا.